سائنس رسالو

سائنس رسالو

سائنس رسالو

سائنس (رسالو): سنڌ جي عام ماڻهن ۾ سائنسي شعور پيدا ڪرڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي ادب جي کوٽ کي پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ ’سائنس سوسائٽي'>سنڌ سائنس سوسائٽي‘ پاران ماهوار سائنس رسالو شايع ڪرڻ جو فيصلو ٿيو، جنهن جو پهريون پرچو جنوري 1971ع ۾ جاري ٿيو. هن رسالي جو ايڊيٽر ملڪ جو نامور سائنسدان ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي هو. هي ماهوار رسالو انسٽيٽيوٽ آف ڪيميسٽري، سنڌ يونيورسٽيءَ مان شايع ٿيڻ شروع ٿيو . سائنس رسالي جو ناشر ۽ منتظم ادارو انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي هو، هي رسالو سنڌ يونيورسٽيءَ جي مونوگرام ۽ رنگين ٽائيٽل سان سنڌ يونيورسٽي پريس، اولڊ ڪئمپس حيدرآباد مان ليٿو پريس تي ڪمپوز ٿي شايع ٿيندو رهيو. هي رسالو ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن حيدرآباد پاران سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي لائبريرين لاءِ منظور ٿيل هو. سائنس رسالو وقت جي رفتار سان سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مقبوليت ماڻيندو رهيو، جنهن جي ذريعي سائنس جي موضوع تي لکندڙ اڪيچار ليکڪ ۽ مترجم متعارف ٿيندا رهيا. ڊبل ڊيمي سائيز جي اوچي پني تي شايع ٿيندڙ سائنس رسالي جي پهرين پرچي جي قيمت 60 پئسا هئي، ڊاڪٽر ممتاز علي قاضيءَ جي ادارت ۾ 1971ع کان 1975ع تائين باقاعدگيءَ سان شايع ٿيندو رهيو، 1976ع کان 1989ع تائين مسلسل جاري رهڻ کانپوءِ هي رسالو هڪ ڊگھي عرصي تائين بند ٿي ويو، ان کانپوءِ وقت بوقت شايع ٿيندو رهيو، سائنس رسالي جو آخري پرچو 1998ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان جي هڪ پرچي ۾ ڊاڪٽر ممتاز علي قاضيءَ انٽرويو ڏيندي چيو هو ته: ”مان جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هيس، تڏهن اسان ’سائنس سوسائٽي‘ قائم ڪئي، جنهن تحت شروع ۾ تمام سٺو ڪم ڪيو. سائنس جي نالي سان هڪ رسالو باقاعده شروع ٿيو ۽ ڪجھه سنڌيءَ ۾ سائنس جا ڪتاب پڻ ڇپايا ويا هئا. ٽي چار سال مسلسل ساليانيون سائنس جي موضوع تي ڪانفرنسون منعقد ڪرايون ويون ۽ ڪافي مواد سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپايو ويو. مون سوسائٽيءَ کي پنهنجي بلڊنگ لاءِ گرانٽ به ڏياري هئي ۽ عمارت به ٺاهي تيار ڪئي وئي، پر اها عمارت شايد سوسائٽيءَ جي نصيب ۾ نه هئي. ٻڌو اٿم ته ان ۾ اڄڪلهه پوليس ويٺي آهي. ڪجھه وقت کانپوءِ سوسائٽيءَ جي ڪارڪردگي سست ٿي وئي ۽ رسالو به بند ٿي ويو. جنهن جو سبب اهو آهي ته اسان جا نوجوان هن سوسائٽيءَ کي ان جذبي سان هلائي نه سگھيا، جنهن سان شروع ڪئي وئي هئي.“


لفظ سائنس رسالوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو